- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ سول اسپتال جي برنس وارڊ جو هنگامي دورو ڪري حيدرآباد پريٽ آباد ۾ گيس سلينڊر سبب ڌماڪي ۾سڙي زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي.
وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، صحت واريِ وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سان گڏ سول اسپتال جي برنس وارد جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي وڏي وزير ڌماڪي ۾ سڙي زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي ۽ ڊاڪٽرن کان بريفنگ ورتي ۽ هدايت ڪئي ته زخمين کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سول اسپتال برنس وارڊ ۾ ۾ 19 مريضن کي آندو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ 12 مريضن کي حيدرآباد کان ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي.
اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هي ڏاڍو افسوسناڪ واقعو آهي، واقعي ۾ 51 ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن مان ڪجهه کي ڪراچي آندو ويو آهي.
هن چيو ته ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ڊاڪٽر ڪوشش ڪن پيا ته وڌ کان وڌ مريضن کي بچائي سگھجي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ گيس جي کوٽ آهي جنهن ڪري سلينڊر ڀرائڻ دوران اهڙا واقعا پيش اچن ٿا.
هن چيو ته چيف سيڪريٽري سان ڳالهايو آهي ته غيرقانوني طريقي سان گيس سلينڊر ڀريندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جنهن بعد چيف سيڪريٽري طرفان سول ڊفينس، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.- Advertisement -
