تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اينٽي ڪرپشن کاتي ۾هلندڙ ڪرپشن سسٽم بابت خط    لکندڙ چيئرمين اينٽي ڪرپشن فرحت علي جوڻيجي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت، اينٽي ڪرپشن جي ويجهي دوست  ۽ڊائريڪٽر جي ملي ڀڳت سان اينٽي ڪرپشن کاتي ۾هلندڙ ڪرپشن سسٽم بابت خط    لکندڙ چيئرمين اينٽي ڪرپشن فرحت علي جوڻيجي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. عهدي تان هٽائڻ بعد پوليس سروس آف پاڪستان جي 21 گريڊ جي آفيسر اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين فرحت جوڻيجو کي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. فرحت جوڻيجو اينٽي ڪرپشن واري وزير محمد بخش مهر کي لکيل خط ۾ چيو ته کيس ڪرپشن جي حصي طور هڪ لفافو ڏنو ويو، جيڪو واپس ڪيو ويو. اڳوڻي چيئرمين فرحت جوڻيجي جو چوڻ آهي ته شهريار مهر نالي هڪ خانگي ماڻهو اينٽي ڪرپشن کاتي کي هلائي رهيو آهي. پنهنجي خط ۾ هن لکيو ته اينٽي ڪرپشن کاتو مختلف کاتن کان هر مهيني 6 کان 7 ڪروڙ رپيا رشوت وٺي رهيو آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر کان 15 لک ۽ سرڪل آفيسر کان 10 لک رپيا رشوت ورتي پئي وڃي. فرحت جوڻيجي وڌيڪ لکيو ته اينٽي ڪرپشن کي نيلام گهر وانگر هلايو پيو وڃي. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته خانگي شخص صوبائي وزير محمد بخش مهر جو ويجهو ساٿي آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
12 %
0.4kmh
3 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون