تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جون ڪارروايون، ڇاليا، گٽڪو ۽ پرڏيهي سگريٽ هٿ، پرڏيهي گرفتار

- Advertisement -
پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ڪارروايون ڪري سوپاريون، گٽڪا ۽ پرڏيهي سگريٽ هٿ ڪري غيرقانوني طور پرڏيهي ويندڙن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪوسٽ گارڊز پنهنجي انٽيليجنس ذريعن جي بنياد تي وندر وٽ چيڪنگ دوران ڪوئيٽا کان ڪراچي ايندڙ مسافر ڪوچ مان 5 هزار 490 ڪلو سوپاريون، 533 گٽڪا ۽ 591 پرڏيهي سگريٽ جا اسٽڪس هٿ ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ترجمان موجب، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز گوادر پنوان چيڪ پوسٽ تي مختلف مسافر ڪوچن مان 12 غير قانوني پرڏيهه ويندڙن کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان پاڪستان ڪوسٽ گارڊز جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار بنا ڪنهن قانوني دستاويزن جي غير قانوني طريقي سان پاڪستان کان ايران وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ترجمان موجب، شروعاتي جاچ کانپوءِ گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ان عزم کي ورجايو ته ملڪ کي سمگلنگ جي لعنت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ اهڙيون ڪارروايون مستقبل ۾ به جاري رهنديون ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
12 %
0.4kmh
3 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون