تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ بهتري طرف ويندو: فيصل ڪريم ڪنڊي

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ بهتري طرف ويندو، پاڪستان کي نظريه ضرورت تحت نٿو هلائي سگهجي، 9 مئي وارا حڪومتن ۾ ايندا، وڏا وزير ٿيندا ته هي سواليا نشان آهي، عدالتون 9 مئي وارن کي سزا ڏين. لاهور ۾ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته آئين ۾ ارڙهين ۽ 19 هين ترميم جو ڪريڊٽ پيپلزپارٽي ۽ اتحادي پارٽين ڏانهن وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته هو 5 سال قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر رهيو، ڪڏهن کيس ڪنهن لکيل تقرير نه اماڻي، ڪنهن ڪڏهن فون يا ميسيج نه ڪيو ته اوهان کي پارليامينٽ کي ڪيئن هلائڻو آهي، خبر ناهي تقريرون ڪنهن وٽ اينديون آهن ۽ ڪٿي لکبيون آهن. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تحريڪ انصاف باني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان تڪراري ٽوئٽ ٿيو آهي،  هو چون ٿا هنن ٽوئٽ ناهي ڪيو، ڪالهه تائين ٽوئٽ موجود هو، هي ايترا نالائق آهن جو کين خبر ئي ناهي ته ٽوئيٽر اڪائونٽ ڪنهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ بهتري طرف ويندو، سنڌ جهڙيون اسپتالون ٻين صوبن ۾ به ٺهڻ گهرجن. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان کي نظريه ضرورت تحت نٿو هلائي سگهجي، 9 مئي وارا حڪومتن ۾ ايندا، وڏا وزير ٿيندا ته هي سواليا نشان آهي، عدالتون 9 مئي وارن کي سزا ڏين……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون