- Advertisement -
پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي آزادي مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙيءَ جي ٻن ڪيسن مان بري ٿي ويا آهن.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ قيادت خلاف آزادي مارچ دورنا ڀڃ ڊاهه ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙيءَ جي ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.
علي محمد خان ۽ اسد عمر پنهنجن وڪيلن سان گڏ عدالت آڏو پيش ٿيا.
جڊيشل مئجسٽريٽ احتشام عالم بريت وارين درخواستن تي فيصلي ٻڌايو ۽ پي ٽي آءِ باني، اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اسد عمر، علي محمد خان ۽ مراد سعيد کي بري ڪري ڇڏيو- Advertisement -
