تازه ترين

قومي اقتصادي ڪائونسل 15 سئو ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
قومي اقتصادي ڪائونسل 15 سئو ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، معاشي ترقي جو ٽارگيٽ 5 ڏهائي هڪ مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال جي سالياني بجيٽ پلان جي منظوري ڏني وئي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ زرعي ترقيءَ جو ٽارگيٽ 2 سيڪڙو رکڻ جي منظوري، صنعتي ترقيءَ جو ٽارگيٽ 4 ڏهائي 4، خدمتن جي شعبي جي ترقيءَ جو ٽارگيٽ 4 ڏهائي هڪ سيڪڙو مقرر، قومي اقتصادي ڪائونسل شيون ٻاهر موڪلڻ جو ٽارگيٽ 40 ڏهائي پنج سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي اجلاس دوران 15 سئو ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني، جڏهن ته  معاشي ترقي جو ٽارگيٽ 5 ڏهائي هڪ مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمنيٽ پلان ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرام جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران ايڪنڪ ۽ سي ڊي ڊبليو پي جي سورهن مئي 2023ع کان پندرهن مئي 2024ع تائين جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وفاقي حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ صنعتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ترقياتي بجيٽ ۾ سئو سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. هلندڙ مالي سال جي 3 ارب رپين جي بجيٽ جي مقابلي ۾ نئين مالي سال ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت لاءِ 5 ارب 79 ڪروڙ 50 لک رپيا ترقياتي بجيٽ تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تيرهن جاري منصوبن لاءِ 5 ارب 64 ڪروڙ 50 لک رپيا رکڻ جي تجويز آهي. ايندڙ مالي سال صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي نئين منصوبي پورٽ قاسم انڊسٽريل پارڪ جي 132 ڪي وي ايَ گرڊ اسٽيشن جي اڏاوت لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز آهي. بجيٽ ۾ ڪراچي انڊسٽريل پارڪ لاءِ 70 ڪروڙ رپين جي بجيٽ رکڻ جي تجويز آهي، جڏهن ڪراچيءَ سميت وڏن شهرن ۾ ننڍي صنعتن جي بزنس سهولت سينٽرن لاءِ 66 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز آهي. انڊسٽريل ٽيڪنالاجي بابت منصوبي لاءِ 40 ڪروڙ رپيا، جهن ته  ملڪ ۾ هڪ هزار انڊسٽريل اسٽيچنگ يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ 30 ڪروڙ رپيا بجيٽ تجويز ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي لسٻيلي ضلعي ۾ خاص اقتصادي زون قئام ڪرڻ لاءِ هڪ ارب رپيا رکڻ ۽ ڪراچي، لاهور توڙي سيالڪوٽ ۾ انڊسٽريل ڊزائنز، آٽوميشن سينٽرن جي تعمير لاءِ 30 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ملڪ ۾ انجنيئرنگ انڊسٽري کي هٿي ڏيڻ لاءِ به 20 ڪروڙ رپيا ترقياتي بجيٽ جي تجويز ڏني وئي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
28 %
0.9kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون