- Advertisement -
پاڪستان، آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ رد ڪندي جوابي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن کي به مداخلت جي اجازت ناهي، آمريڪا خلاف ٺهراءَ جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، سڀني سان شيئر ڪيو ويندو، آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءُ خلاف پرڏيهي آفيس فوري طور رد عمل ظاهر ڪيو آهي، مخالف ڌر کي به ٺهراءَ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلو ٿيڻ جو تاثر درست ناهي، آمريڪا سان هاڪاري لاڳاپن جا خواهشمند آهن، روايتي ڊپلوميسي کي پاسي تي رکي هاڻي معيشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته آمريڪي ٺهراءَ جي مقابلي ۾ ٺهراءُ ضرور آڻيندا، هنن نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ۽ آمريڪا خلاف ٺهراءَ جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، سڀني سان شيئر ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته آمريڪي ٺهراءَ کي پاڪستان رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ پرڏيهي آفيس ٺهراءَ تي فوري طور رد عمل ظاهر ڪيو آهي، آمريڪي ڪانگريس جو هي ٺهراءُ بنا جواز آهي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان غزه بابت پنهنجو واضح موقف پيش ڪيو ۽ اسرائيل جو نالو کڻي مذمت ڪئي آهي، ڪنهن ٻي ملڪ اسرائيل جو نالو وٺي اهڙي جرئت سان مذمت نه ڪئي هوندي.
هن چيو ته پاڪستان، ڪشمير، غزه ۽ ٻين اشوز بابت عالمي فورمز تي ڀرپور نمائندگي ڪندو، پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلو ٿيڻ جو تاثر درست ناهي، آمريڪا سان هاڪاري لاڳاپن جا خواهشمند آهن.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن کي به مداخلت جي اجازت ناهي، روايتي ڊپلوميسي کي پاسي تي رکي هاڻي معيشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو- Advertisement -
