- Advertisement -
تحريڪ انصاف، عدت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جي سزا خلاف درخواستون رد ٿيڻ وارو فيصلو اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
عدالتي فيصلو ٻڌڻ بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيوته درخواستون رد ٿيڻ وارو فيصلو درست ناهي، فيصلي کي وڪيلن ذريعي هائيڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.
هن چيو ته فارم 47 وارو وزيراعظم ناهي، هن ايوان ۾ چيو هو ته جيستائين قيادت ۽ ڪارڪن آزاد نٿا ٿين ته حڪومت سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون.
عمر ايوب چيوته عورتن کي سخت گرميءَ ۾ وين ۾ ويهاريون ويندو آهي، کين سهولتون حاصل ناهن، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا.
مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته سندن تحريڪ وڌيڪ هلندي ۽ هو مظاهرن ۾ اضافو ڪندا.- Advertisement -
