تازه ترين

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾  ٻيهر شفاف چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾  ٻيهر شفاف چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، اسٽيبلشمينٽ کي اليڪشن کان پري رکيو وڃي. هن چيو ته چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت خلاف تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته  آمريڪي ڪانگريس ملڪي چونڊن کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت اڃا تائين سيڙپڪاري لاءِ چين جو اعتماد حاصل نه ڪري سگهي آهي. هن چيو ته جي يو  آءِ کي تحريڪ انصاف بابت خدشا آهن، ڳالهين لاءِ مناسب ماحول جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت ملڪ ۾ دهشتگردي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي،  سرحدن تي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ملڪي مفادن ۾ ناهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته آپريشن عزم استحڪام بابت به اتفاق نظر نه اچي رهيو آهي. هن چيو ته چيو پيو وڃي ته افغانستان ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي،  پاڪستان ۾ دهشتگردن کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي پردو وجهڻ لاءِ افغانستان تي حملي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ڇا اها حقيقت ناهي ته  ڪي پي ۾ ترقياتي فنڊن جو 10 سيڪڙو دهشتگردن حوالي نه ڪيو ويندو آهي. فضل الرحمان چيو ته ڇا حڪومت دهشتگردن اڳيان بيوس آهي، ڪيترائي اهڙا سوال آهن جيڪي اٿاري رياست خلاف ڏکيائيون پيش ڪرڻ نه ٿو چاهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
10 %
4kmh
0 %
سُومر
24 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون