تازه ترين

اقتدار لاءِ غير جمهوري قدم کڻڻ پي ٽي آءِ جي عادت آهي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقتدار لاءِ غير جمهوري قدم کڻڻ پي ٽي آءِ جي عادت آهي، خيبرپختونخوا ۾ صحافين تي ظلم خلاف پيپلزپارٽي قلم ڌڻين سان گڏ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اقتدار خاطر ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي ڪا به حد ناهي، پيپلزپارٽي آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، ڪنهن کي به صحافت کي دٻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته خيبرپخونخوا ۾ صحافين جي تحفظ ۽ صحافت جي آزاديءَ لاءِ لاڳاپيل ادارا ۽ پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پ پ چيئرمين چيوته ڪي پي ۾ آزاد صحافت لاءِ  ڏکيائين تي ڳڻتي آهي، ظلم ذريعي صحافت کي دٻائڻ انتهاپسندن جي عادت هوندي آهي، پي ٽي آءِ آزاد صحافت سان ڊنل ۽ عوام کان مايوس آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون