- Advertisement -
حيدرآباد ۾ پوليس اسٽريٽ ڪرمنلز سان مقابلي دوران هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس ترجمان جو موجب، جي او آر پوليس چيڪنگ واڌو واھ روڊ جي سي ڊي گرائونڊ ويجھو شڪي موٽر سائيڪل سوارن کي بيهڻ جو اشارو ڏنو ته جوابدارن اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتارجوابدار جي سڃاڻپ حزب الله جي نالي سان ٿي آھي سندس قبضي مان ھٿيار ھٿ ڪري علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، شروعاتي جاچ ۾ جوابدار جي تعلق اسٽريٽ ڪرمنل گينگ سان ظاھر ٿيو آھي جيڪو ساٿين سان گڏجي حيدرآباد مختلف علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جون وارداتون ڪندو هو.
پوليس ترجمان موجب، گرفتار جوابدار جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارد چيڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته فرا ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آهي.- Advertisement -
