- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پاڪستان شماريات بيورو جو اجلاس ٿيو.
سمورين يوسيز ۽ ٽائونن جي ڊيٽا شماريات بيورو کي فراهم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سمورين يو سيز ۽ ٽائونن جي آبادي، گهرن جي ميپنگ ٿيڻ گهرجي، يوسيز ۽ ٽائون سطح تي به ڪچن ۽ پڪن گهرن جي ڊيٽا گهرجي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻارن جي ڊيٽا به يوسي ۽ ٽائون سطح تي هجڻ گهرجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڊيٽا مان معلوم ٿيندو ته ڪيترا ٻار اسڪول وڃي رهيا آهن ۽ ڪيترا نه وڃي رهيا آهن، اها به هڪ تضاد آهي ته ڪيترا ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه پاران صوبي مان لڏپلاڻ ڪندڙن جي ڊيٽا به طلب ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته منهنجو منصوبو آهي ته ڊيٽا جي بنياد تي ترقياتي پلان تيار ڪريون، بجلي جي سهولت بابت ڊيٽا گهرجي ته جيئن سولر فراهم ڪري سگهجن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ترقياتي ميپ بڻائڻ سان معلوم ٿيندو ته جتي سهولتون نه آهن اتي ڏئي سگهجن.
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، شماريات جي چيف نعيم ظفر، شماريات جي سرور گوندل ۽ ٻين شرڪت ڪئي- Advertisement -
