- Advertisement -
وفاقي حڪومت محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا جي بندش بابت صوبن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، وفاقي حڪومت چيو آهي ته فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ ۽ واٽس ايپ سميت ٻين سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز بند نه ٿينديون، محرم الحرام ۾ سڪيورٽي فول پروف بڻائي ويندي.
وفاقي حڪومت هدايت ڪئي آهي ته سڪيورٽي کي وڌيڪ فعال ۽ اثرائتو بڻايو وڃي، موبائل جا سگنلز به رڳو انهن جاين تي بند ٿيندا جتان جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا ٿينديون.
وفاقي حڪومت کي مختلف صوبن طرفان 6 ايپليڪيشنز کي 6 کان 11 محرم تائين بند رکڻ جو چيو ويو هو- Advertisement -
