- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين نسيم ميمڻ جي بحاليءَ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪوبه عهدو نه ڏيڻ کان روڪيندي سنڌ سرڪار، انٽر بورڊ جي چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ جنسي هيسائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هٽايل نسيم ميمڻ جي ٻيهر بحال ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين نسيم ميمڻ جي بحاليءَ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.
عدالت پاران نسيم ميمڻ کي ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪوبه عهدو نه ڏيڻ کان روڪيو ويو.
عدالت سنڌ سرڪار، انٽر بورڊ جي چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نسيم ميمڻ کي صوبائي محتسب اعليٰ جنسي هيسائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، يونيورسٽي اينڊ بورڊز کاتي نسيم ميمڻ کي عهدي تان معطل ڪري ڇڏيو هو.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته 12ڊسمبر 2023ع تي نسيم ميمڻ کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو هو، نسيم ميمڻ خلاف جنسي هيسائڻ جو الزام ثابت ٿي چڪو آهي، کيس عهدي تان هٽايو وڃي……- Advertisement -
