- Advertisement -
پي ٽي آءِ بانيءَ وزيراعظم شهبازشريف طرفان گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي پي ٽي آءِ بانيءَ چيو ته سندن پارٽي ايَ پي سي ۾ شرڪت ڪندي ۽ حڪومت جو موقف ٻڌندي.
هن چيو ته امن امان ملڪي معاملو آهي، ملڪ خاطر هو اي پي سي ۾ شرڪت ڪندا، افغانستان سان لاڳاپا بهتر ٿيڻ تائين هو ٽي ٽي پي کان نه ٿا کٽي سگهن.
پي ٽي آءِ بانيءَ چيو ته نوازشريف، مريم نواز ۽ خواجه آصف جي بيانن جي وڊيو موجود آهي، عزم استحڪام آپريشن تي کين خدشا آهن، ان سان ملڪ ۾ عدم استحڪام وڌندو.- Advertisement -
