- Advertisement -
تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان پيٽرول ۽ گيس ڳوليندڙ ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين کي آف شور ذخيرا ڳولڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.
پيٽرول ۽ گيس ڳوليندڙ شعبي اي اينڊ پي سيڪٽر پاران وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ مقامي سطح تي تيل ۽ گيس ذخيرن جي ڳولا اسان جي پهرين ترجيح آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان تيل ۽ گيس گهرائڻ تي هر سال اربين ڊالر خرچ ڪري ٿو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته تيل ۽ گيس جي مقامي ذخيرن سان مٽا سٽا وارو ناڻو بچندو ۽ عام ماڻهن لاءِ پيٽرول ۽ گيس سستي ٿيندي.
ان موقعي تي پيٽروليم ۽ گيس ڳوليندڙ ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ ايندڙ ٽن سالن ۾ 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ويو.- Advertisement -
