- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪي پي حڪومت کي دهشتگردن جو مددگار قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪي پي حڪومت 15 سالن کان دهشتگردن جي مدد ڪري رهي آهي، ڪي پي جي بجيٽ دهشتگردن تي خرچ ڪئي پئي وڃي، هاڻي دهشتگردن جي مدد ڇڏي رياست جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ڪي پي ۾ نفرت ۽ گارگند جي سياست ڪئي پئي وڃي، هو غير جمهوري سياست جو ڄمي مقابلو ڪندا، غلط فيصلن سبب ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي هڪ دفعو ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، دهشتگردي جا مسئلا افغانستان جو دورو ڪرڻ يا چانهه جو ڪوپ پيئڻ سان حل نه ٿيندا، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ضروري آهي، سياستدانن سنجيدگي سان مسئلن جو حل نه ڪڍيو ته عوامي رد عمل ايندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشاور پهتو، جتي ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سندس آجيان ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداريءَ اسيمبلي ميمبرن، پشاور پريس ڪلب جي ڪابينا ۽ مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون.
گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن سدائين هاڪاري سياست ڪئي، گارگند واري سياست تي يقين نٿا رکن، خيبرپختونخوا ۾ گارگند، نفرت ۽ انائن جي سياست آهي، ڪي پي ۾ نفرت جي سياست جو هاڪاري سان مقابلو ڪيو ويندو.
هن چيو ته ڪي پي حڪومت 15 سالن کان دهشتگردن جي مدد ڪري رهي آهي، ڪي پي جي بجيٽ دهشتگردن تي خرچ ڪئي پئي وڃي، هاڻي دهشتگردن جي مدد ڇڏي رياست جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غلط فيصلن سبب ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي هڪ دفعو ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، دهشتگردي جا مسئلا افغانستان جو دورو ڪرڻ يا چانهه جو ڪوپ پيئڻ سان حل نه ٿيندا، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته سياستدانن سنجيدگي سان مسئلن جو حل نه ڪڍيو ته عوامي رد عمل ايندو.
پ پ چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽيءَ کانسواءِ دهشتگرديءَ بابت ڪير پڇاڻو ڪندو آهي؟ سندن مطالبي تي جنرل رٽائرڊ باجوه ۽ فيض حميد پارليامينٽ کي بريفنگ ڏني.
هن چيو ته جنهن ڏينهن پاڪستان ۽ افغانستان دهشتگردي سميت پنهنجن ٻين مسئلن جو حل ڪڍيو ان بعد افغانستان خيبرپختونخوا ۽ قبائلي علائقن ۾ معاشي ترقي جي شروعات ٿيندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کين معاشي ۽ سڪيورٽي لحاظ کان پنهنجو گهر ٺيڪ ڪرڻو آهي، ان لاءِ پ پ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي….- Advertisement -
