تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مونجهارا پيدا ڪندڙ عدالتي فيصلا ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ناهن، عدالتي فيصلا اهڙا هجڻ گهرجن: راڻا ثناءُ الله

- Advertisement -
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته مونجهارا پيدا ڪندڙ عدالتي فيصلا ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ناهن، عدالتي فيصلا اهڙا هجڻ گهرجن، جيڪي عام ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ اچن، فيصلي تي نظر ثاني ٿيڻ گهرجي، هاڻي هڪ نئون فيصلو تحريڪ انصاف جي حق ۾ اچي ويو، ججن آئين جي تحفظ جو قسم کنيو آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين ٻيهر لکڻ برابر  آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته مونجهارا پيدا ڪندڙ عدالتي فيصلا ملڪ ۽  قوم جي مفاد ۾ ناهن هوندا، بنا گهرڻ انصاف ڏنو وڃي ته اهڙن فيصلن سان اثر افسوسناڪ هوندا آهن، عدالت جو فيصلو انصاف تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن جي مطالبي کي رد ڪيو، پوءِ  هنن پشاور هائيڪورٽ سان رابطو ڪيو، پر  اتان مطالبو رد ٿيو، سپريم ڪورٽ جو فيصلو به سني اتحاد ڪائونسل جي حق ۾ ناهي آيو. راڻا ثناءُ الله چيو ته آزاد ميمبرن کي تحريڪ انصاف جو ميمبر چيو ويو، سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تسليم نه خارج ٿي، هاڻي هڪ نئون فيصلو تحريڪ انصاف جي حق ۾ اچي ويو، ججن آئين جي تحفظ جو قسم کنيو آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين ٻيهر لکڻ برابر  آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته عدالت جو احترام آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل ته داخل ٿيڻ گهرجي، هي فيصلو آئين ۽ قانون جون گهرجون پوريون نه ٿو ڪري. راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي جيل کان ٻاهر اچڻ جو حق آهي، کين به پورو حق آهي ته کيس اتي رکڻ جي پوري ڪوشش ڪن، جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني ٻاهر اچي ويو ته ڪو طوفان نه ايندو. هن چيو ته فارم 45 ۽ فارم 47 وارو قصو اليڪشن ڪميشن ۾ ثابت ڪري  ته ٻيهر اليڪشن ٿي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
13 ° C
13 °
13 °
14 %
3.2kmh
86 %
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
21 °
سُومر
21 °
اڱارو
15 °

تازه ترين خبرون