تازه ترين

لاهور ۾ طوفاني برسات سبب نظام مفلوج ٿي ويو

- Advertisement -
لاهور ۾ طوفاني برسات سبب نظام مفلوج ٿي ويو، روڊ رستا ندي نالن جو ڏيک ڏيڻ لڳا، جنهن جي ڪار وهنوار ٺپ ٿي ويو. پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ ست ڪلاڪ تيز برسات پئي، جنهن ڪري مختلف علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو. موسميات کاتي موجب شهر ۾ ساڍن ستن ڪلاڪن ۾ 315 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، شهر جي هڪ درزن کان وڌيڪ علائقن ۾ هڪ سئو ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ برسات تاجپوره ۾ 315 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي، لڪشمي چوڪ تي 170، مغل پورا ۾ 145 ۽ گلش راوي تي 151 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب چوڪ ناخدا تي 155، اقبال ٽائون ۾ 152، قربطه چوڪ تي 152، سمن آباد 153، ايئرپورٽ تي 86، اپرمال تي 130، گلبرگ  تي 41، نشتر ٽائون تي 162، جيل روڊ تي 69 ۽ فرخ آباد ۾ 140 ملي ميٽر برسات پئي آهي. انتظاميا موجب لاهور جي علائقي ڊيوس روڊ، چائنا چوڪ، ڪينال روڊ، ڳڙهي شاهو، علامه اقبال روڊ، ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.4 ° C
27.4 °
27.4 °
10 %
7.5kmh
0 %
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون