- Advertisement -
ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال بجلي جي بحران تي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سڄي خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگي بجلي پاڪستان ۾ آهي، حڪومت ايمرجنسي لاڳو ڪري بجلي جي بحران کي حل ڪري.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان جي معيشيت بهتر ٿيندي ته ماڻهن جي حالت بهتر ٿيندي، پرڏيهي سيڙپڪاري ناهي رهي ۽ مقامي انويسٽمينٽ ٻاهر وڃي رهي آهي، سڀ کان وڏو مسئلو توانائي سيڪٽر ۾ مس مينجمينٽ جو آهي.
سندس چوڻ هو ته هر ڪو هڪٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ ۾ رڌل آهي، اڄ بجلي ناهي پر بل اچي رهيا آهن، پاور سيڪٽر بابت مسئلن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ هر ڪو پاور سيڪٽر جي بحران کان متاثر آهي، هي ملڪ کي لڳل سڀ کان وڏو زخم آهي، هي پاڪستان جي بقا، سڪيورٽي ۽ سلامتي جو مسئلو آهي.
هن چيو ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس وڌائي پئي وڃي، گارگند جي ٽورنامينٽ هلي رهي آهي پر هو هتي ڪنهن جي تذليل ڪرڻ ناهي ويٺو، سندن وٽ بجلي فراهم ڪندڙ 20 ادارا آهن، 19 سرڪاري ۽ هڪ خانگي آهي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته نيپرا جي لاڳت ساڍا 8 رپيا في يونٽ آهي، پر بل ۾ 34 رپيا اچي ٿي، هن سال بجيٽ ۾ 17 سئو ارب رپيا پاور ڪمپنين کي ڏيڻ لاءِ رکيا ويا، ملڪ جي ترقي لاءِ 14 سئو ارب رپيا رکيا ويا آهن.
مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪيپسٽي چارجز جي چڪر ۾ بجلي مهانگي ٿي وئي، بجلي بحران سبب 25 سيڪڙو انڊسٽريز بند ٿي چڪي آهي، جنهن سان 24 ڪروڙ عوام متاثر آهي، ان لاءِ ڪير به ڳالهه نٿو ڪري.- Advertisement -
