- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ڪابينا 700 ايڪڙ ايراضي اسٽيل ملز جي پلانٽ لاءِ رکي آهي، ان تي پراڻو پلانٽ بحال ڪيو ويندو ۽ 4 هزار 840 ايڪڙن تي اسپيشل اڪنامڪ زون ڪيو ويندو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ملاقات دوران پاڪستان اسٽيل ملز جي اضافي ايراضيءَ تي اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ڪابينا 700 ايڪڙ ايراضي اسٽيل ملز جي پلانٽ لاءِ رکي آهي، ان تي پراڻو پلانٽ بحال ڪيو ويندو ۽ 4 هزار 840 ايڪڙن تي اسپيشل اڪنامڪ زون ڪيو ويندو.
هن چيو ته اسپيشل اڪنامڪ زون سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن جو گڏيل منصوبو آهي، ٻئي گڏ ويهي معاملا طئه ڪندا.
ان موقعي تي وفاقي وزير راڻا تنوير چيو ته وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته سنڌ ۽ وفاق پيپر ورڪ مڪمل ڪري ته جيئن سيڙپڪار ڪم شروع ڪن، اسپيشل اڪنامڪ زون جي ايراضي اهم آهي.
هن چيو ته 700 ايڪڙ پلانٽ واري ايراضي سنڌ حڪومت حوالي ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت اسٽيل ملز کي بحال ڪري يا نئون پلانٽ لڳائي- Advertisement -
