تازه ترين

حماس جي سياسي ونگ سربراھ اسماعيل ھانيا کي قطر ۾ مٽيءِ ماءُ حوالي ڪيو ويو

- Advertisement -
ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ اسرائيلي  حملي ۾ شهيد ٿيل حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل ھانيا کي قطر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ايران جي گادي واري شهر تهران کان اسماعيل هانيا ۽ سندس محافظ جا مڙهه قطر منتقل ڪري سندس رهائشگاهن تي پهچايا ويا. فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هانيه جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. قطر جي گادي واري شهر دوحا جي امام محمد بن عبدالوهاب مسجد ۾ جمعي جي نماز بعد اسماعيل هانيه ۽ سندس محافظ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن ۽ مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اسماعيل هانيه ۽ سندس محافظ جي جنازي نماز ۾ قطر جي امير، ترڪيه جي پرڏيهي وزير ۽ الفتح جي به شرڪت ڪئي. جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان به جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ قطر پهتل هو. جنازي نماز بعد اسماعيل هانيه کي لوسيل جي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ تهران ۾ اسماعيل هانيه جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي هئي. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسماعيل هانيه جي جنازي نماز پڙهائي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.7 ° C
24.7 °
24.7 °
42 %
2.5kmh
0 %
اربع
34 °
خميس
28 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون