تازه ترين

پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي، سڀ کان وڏو ۽ قميتي سرمايو نوجوان آهن:آرمي چيف جنرل عاصم منير

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي، عوام، حڪومت ۽ فوج وچ ۾ مضبوط رشتو ئي ملڪي تحفظ ۽ ترقيءَ جو ضامن آهي، جيڪي پاڪستان جو ڏيوالو نڪرڻ جو موقف ٺاهي رهيا هئا، اڄ اهي ڪٿي آهن؟، عوام کي سوشل ميڊيا ذريعي پيدا ڪيل فنتي کان پري رکڻ رياست جي ذميواري آهي، پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ قميتي سرمايو نوجوان آهن، هو ڪنهن به صورت ان کي ضايع ٿيڻ نه ڏيندا، سندس ايمان آهي ته الله پاڪ کين دهشتگردن خلاف فتح عطا ڪندو. يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته نوجوانن جي اکين ۾ چمڪ ڏسي يقين ٿي ويندو آهي ته پاڪستان جو  مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. هن چيو ته آزاد  رياست جي اهميت ڄاڻڻي آهي ته لبيا، شام، ڪشمير ۽ غزا جي عوام کان پڇو، علم انسان کي ٻين کان بهتر ڪري ٿو. آرمي چيف چيو ته عوام کي سوشل ميڊيا ذريعي پيدا ڪيل فنتي کان پري رکڻ رياست جي ذميواري آهي. جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي، عوام، حڪومت ۽ فوج وچ ۾ مضبوط رشتو ئي ملڪي تحفظ ۽ ترقيءَ جو ضامن آهي. هن چيو ته جيڪي پاڪستان جو ڏيوالو نڪرڻ جو موقف ٺاهي رهيا هئا، اڄ اهي ڪٿي آهن؟ آرمي چيف چيو ته مسلمان جي حيثيت ۾ کين اميديءَ کان روڪيو ويو آهي. جنرل عاصم منير چيو ته زندگي امتحان جو نالو آهي، قرآن شريف جي آيت پڙهو، ڇا ماڻهو اهو سمجهي ويٺا آهن ته رڳو اهو چوڻ تي ڇڏيا ويندا ته اسان ايمان آندو ۽ انهن جي آزمائش نه ٿيندي؟ آرمي چيف چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ قميتي سرمايو نوجوان آهن، هو ڪنهن به صورت ان کي ضايع ٿيڻ نه ڏيندا. جنرل عاصم منير خطاب جي آخر ۾ علامه اقبال جو شعر ٻڌايو،  “افراد ڪي هاٿون ۾ هي اقوام جي تقدير، هر فرد هي  ملت ڪيَ مقدر ڪا ستارا. خطاب بعد  آرمي چيف نوجوان کي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. پارا چنار ۾ وڳوڙن واري سوال جي جواب ۾ آرمي چيف چيو ته قبائلي گڏجي ويهي زميني ۽ ٻيا تڪرار ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪن. آرمي چيف چيو ته خيبرپختونخوا جو عوام 22 ورهين کان پاڪ سان گڏجي دهشتگردن خلاف لوهي ڀت جيان بيٺل آهي. جنرل عاصم منير چيو ته سندس ايمان آهي ته الله پاڪ کين دهشتگردن خلاف فتح عطا ڪندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
7 %
2.7kmh
4 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون