- Advertisement -
پنجاب جي ماڇڪو جي ڪچي واري علائقي فتح پور ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل 12 پوليس اهلڪارن جو ڪيس 131 ڏوهارين خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
انسپيڪٽر امجد رشيد جي فرياد تي سنو شر، علي گل شر، تنوير انڍڙ ۽ زبرو ڪوش جي ٽولن جي 131 ڏوهارين خلاف ماڇڪو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل ۽ اغوا سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
ڪيس جي متن موجب، پوليس جوان ڪيمپ مان واپسي بعد شاهو ڪوش جي گهر وٽ پهتا ته جوابدارن راڪيٽ لانچر، جي ٿري ۽ ٻين جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو.
متن ۾ چيو ويو آهي ته ڌاڙيلن پوليس جوانن تي سڌي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن به جوابي فائرنگ ڪئي، ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ 12 جوان شهيد ۽ 9 زخمي ٿي پيا.
ڪيس جي متن موجب، ڌاڙيل زخمي پوليس اهلڪار احمد نواز کي اغوا ڪري ويا، پوليس جي فائرنگ ۾ بشير شر مارجي ويو ۽ غدالي ڪوش زخمي ٿي پيو، ڌاڙيل پوليس جا سرڪاري هٿيار به کڻي ويا.- Advertisement -
