وزيراعظم شهباز شريف جو پروفيسر محمد يونس سان رابطو, چيف ايڊوائزري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف بنگلاديش حڪومت جي چيف ايڊوائزر پروفيسر محمد يونس سان ٽيليفون تي رابطو ڪري کيس چيف ايڊوائزري جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف، بنگلاديش جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پروفيسر محمد يونس جي ڪردار جي ساراهه، هاڻوڪي ٻڏ سبب ٿيل تباهي تي بنگلاديش حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو. وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته پروفيسر محمد يونس ٽيليفون ڪال ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.1 ° C
27.1 °
27.1 °
34%
4.2m/s
1%
آچر
27 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون