- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ڪارساز وٽ پيش آيل حادثي جي جوابدار نتاشا اقبال خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سرڪاري فرياد تي جوابدار نتاشا اقبال خلاف ايم ايل او رپورٽ جي بنياد تي بهادر آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس موجب، ڪيس ۾ منع ٿيل شيءِ جي استعمال جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار نتاشا جي رت جي جزن ۾ منع ٿيل شيءِ جي موجودگي جي تصديق ٿي هئي.
هوڏانهن جاچ آفيسر عورت جوابدار نتاشا کي داخل هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ميڊيڪل رپورٽ به جمع ڪرائي.
عدالت جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي عورت جوابدار نتاشا کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي
19 آگسٽ تي ڪارساز ويجهو گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار آمنه ۽ سندس والد عمران عارف فوت ٿي ويا هئا………..- Advertisement -
