صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي سامونڊي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي ڀيٽا پيش

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي سامونڊي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي سامونڊي فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي. صدر آصف علي زرداري وطن جي دفاع ۾ سامونڊي فوج جي ڪردار، آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ قربانين جي ساراهه ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ دشمن خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪري سامونڊي فوج پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو، سامونڊي فوج ملڪ کي پيش ايندڙ روايتي ۽ غير روايتي سامونڊي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. سندس چوڻ هو ته هڪ مضبوط سامونڊي فوج، ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي ضامن آهي، ملڪي دفاعي ۽ علاقائي امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ سامونڊي فوج جو اهم ڪردار آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ جي سامونڊي مفادن ۽ حدن جي دفاع لاءِ سامونڊي فوج هر وقت تيار آهي، قوم سامونڊي فوج، ان جي جوانن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي تي فخر ڪندي آهي، سامونڊي فوج جي هيروز جون قربانيون سندن لاءِ مشعل راهه آهن. وزيراعظم شهباز شريف سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي سامونڊي فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي. جاري ڪيل خاص پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته سامونڊي فوج جي مستقل مزاجي فرض شناسي جو ثبوت آهي. سندس چوڻ هو ته هو سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي سامونڊي فوج جي سمورن آفيسرن ۽ جوانن کي دل سان مبارڪ پيش ڪري ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو سامونڊي فوج جي خدمتن ۽ قربانين جو دل سان قدر ڪندا آهن، سامونڊي سرحدن جي حفاظت ۾ فوج جي ڪردار کي گهڻي اهميت ڏيندا آهن…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
1.7m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون