تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

علي امين گنڊاپور جو مستقبل وڏ وزارت کان اڊيالا جيل نظر اچي رهيو آهي:طلال چوڌري

- Advertisement -
مسلم ليگ ن اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جو مستقبل وڏ وزارت کان اڊيالا جيل نظر اچي رهيو آهي، سڄي ملڪ مان ماڻهو ڪڍڻ جي ڳالهه ڪندڙ اسلام آباد جو هڪ ميدان به ڀري نه سگهيا آهن، قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو حق آهي، سياسي استحڪام لاءِ قانونسازي ضرور ڪئي ويندي. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ طلال چوڌري چيو ته جيڪي پيسا عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيڻ گهرجي اهي جلسن ۽ اسلام آباد تي چڙهائي تي خرچ ڪيا ويا، تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ ڀڀڪين کانسواءِ ڪجهه ناهي. سندس چوڻ هو ته گذريل ڇهن مهينن کان جنهن جو گوڙ هو، اهو ڪالهه ختم ٿيو، جلسا ڪندا، سڄو ملڪ نڪرندو، هر شهر گهٽي مان ماڻهو نڪرندا پر ڪالهه اسلام آباد جو هڪ گرائونڊ به ڀري نه سگهيا. مسلم ليگ نون اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته علي امين گنڊاپور چئي رهيو آهي ته 15ڏينهن ۾ تحريڪ انصاف باني کي آزاد ڪريو، ٻي صورت ۾ هو پاڻ اچي آزاد ڪرائيندو، اهو ٿي سگهي ٿو ته 15 ڏينهن بعد علي امين گنڊاپور اڊيالا جيل ۾ اچي پر اهو نٿو ٿي سگهي ته پي ٽي آءِ باني اڊيالا جيل کان پشاور وڃي. هن چيو ته جلسي ۾ چيو ويو ته ڪابه قانون سازي ٿيندي ته تحريڪ هلائي ويندي، قانون سازي پارليامينٽ جو حق آهي. مسلم ليگ ن اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف، معيشيت جي بهتري، ڏڦيڙ جي خاتمي ۽ سياسي استحڪام خاطر قانون سازي ٿيندي، هي ڀڀڪيون اڄ جون ناهن جڏهن کان تحريڪ انصاف باني سياست ۾ آيو آهي تڌهن کان ٻڌي رهيا آهيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
36 %
4.3kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون