پ پ شهيد ڀٽو جي باني مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

- Advertisement -
پ پ شهيد ڀٽو جي باني مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، مختلف شهرن ۾ قرآن خواني ۽ تقريبون ڪوٺائي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪيترائي سال گذرڻ وڃڻ باوجود سندس خون سان انصاف ناهي ٿي سگهيو. پ پ شهيد ڀٽو پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي باني مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي تي قرآن خواني ڪرائي اجتماعي دعا گهري شهيدن جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو طرفان سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي ميمبر غلام حيدر ناريجو، پارٽي اڳواڻن سليم چنه، وريام چنه، غلام نبي ڪولاچي، شاهد ميان ڀٽو ۽ ٻين سان گڏجي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي پاران صدارتي هائوس نئون ديرو ۾ قرآن خواني ڪئي وئي. قرآن خواني ۾ پ پ اڳواڻ خير محمد شيخ، عبدالفتاح ڀٽو، مرادان چانڊيو، بشيران موهل، ٻين شرڪت ڪئي. قرآن خواني ڪرڻ بعد اجتماعي دعا گهري شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سياسي جدوجهد تي کيس سلام ۽ ڀيٽا پيش ڪري لنگر ورهايو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
15%
4m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون