- Advertisement -
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏيندا، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، حڪمران ڌر جا چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، حڪمران ڪرپشن پيا ڪن، عوام بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي، سنڌ هميشه محبتن جي امين رهي آهي، انتهاپسندي جي خلاف آهن، سنڌ ۾ سازش تحت نفرتون پکيڙيون پيون وڃن.
حيدرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 30 هين قومي ڪانگريس ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ جاري آهي.
قومي ڪانگريس ۾ ايندڙ ٻن ورهين لاءِ چيئرمين سميت مرڪزي عهديدارن جي چونڊ ڪئي ويندي.
ڪانگريس ۾ سڄي سنڌ مان 458 ڊيليگيٽس شريڪ آهن.
قومي ڪانگريس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ملڪ هن وقت بدترين بحران ۾ ڦاٿل آهي، ناڪاره پاليسين ۽ نااهلي سبب ملڪ هن صورتحال تي پهتو آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺاهڻ نه ڏيندا، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.
ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، حڪمران ڌر جا چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، حڪمران ڪرپشن پيا ڪن، عوام بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ هميشه محبتن جي امين رهي آهي، انتهاپسندي جي خلاف آهن، سنڌ ۾ سازش تحت نفرتون پکيڙيون پيون وڃن.- Advertisement -
