تازه ترين

آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، جنهن جو گاديءَ وارو هنڌ بيت المقدس هجي:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته غزا جي معصوم ٻارن جو رت رڳو اسرائيلي فوج جي هٿن نه پر ان تي خاموشي اختيار ڪندڙن تي به آهي، غزا ۾ رتوڇاڻ تي خاموش نه ٿو رهي سگهجي،  اسرائيل ظلم روڪڻا پوندا، آزاد فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، جنهن جو گاديءَ وارو هنڌ بيت المقدس هجي. وزيراعظم شهبازشريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي 79هين اجلاس کي خطاب جي شروعات  قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي. سندس چوڻ هو ته موجوده حالتن ۾ دنيا کي ڪيترائي چئلينج آڏو آهن، غزا تي اسرائيلي ڏاڍ جاري آهي، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ۾ ناڪاميءَ وچ اوڀر ۾ وڌيڪ خطرا پيدا ٿي ويا آهن. شهبازشريف چيو ته غزا جي معصوم ٻارن جو رت رڳو اسرائيلي فوج جي هٿن نه پر ان تي خاموشي اختيار ڪندڙن تي به آهي، غزا ۾ رتوڇاڻ تي خاموش نه ٿو رهي سگهجي،  اسرائيل ظلم روڪڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته غزا ۾ ظلم ختم ڪرڻ لاءِ فلسطين جي ٻه رياستي حل جي ضرورت آهي، فلسطين کي گڏيل قومن جي مستقل ميمبر جي حيثيت ملڻ گهرجي. شهبازشريف چيو ته هاڻي لبنان ۾ اسرائيلي اڳرائي شروع ٿي وئي آهي،  جنهن سان خطي ۾ وڏي جنگ جو خطرو وڌي ويو آهي. وزيراعظم چيوته  فلسطين جيان والاريل ڪشمير جا ماڻهو به هڪ عرصي کان آزاديءَ جي جدوجهد ڪري رهيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا ظلم به جاري آهن. شهبازشريف چيو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جا وڌندڙ واقعا به پريشان ڪندڙ آهن، ڀارت ۾ مسلمان خلاف نفرت وارن واقعن ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان عالمي برادريءَ سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، عزم استحڪام ذريعي امن ۽ سلامتي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي ڌرتيءَ تي موجب دهشتگرد گروپن جو خاتمو ڪري. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديليون عالمي سطح تي اهم چئلينج آهن، ٻه سال اڳ برسات ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالر نقصان پهتو. شهبازشريف چيوته سئو کان وڌيڪ ترقي ڪندڙ ملڪ قرضن ۾ ڦاٿل آهن، عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارا اڻٽر آهن. وزيراعظم چيو ته اثرائتي پاليسين سبب پاڪستاني معيشت بهتري تي طرف وڌي رهي آهي. وزيراعظم جي خطاب بعد اسرائيلي وزيراعظم بن يامن نيتن ياهو جيئن کي خطاب ڪرڻ آيو ته هال ۾ موجود پاڪستاني وفد سميت ٻين ملڪن جي وفدن احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون