تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪي پي وفاق تي لشڪر ڪشي ڪئي ته قانون حرڪت ۾ اچي ويندو:عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڪي پي وفاق تي لشڪر ڪشي ڪئي ته قانون حرڪت ۾ اچي ويندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جو ڪامياب دورو ڪري واپس موٽيو آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس  کي خطاب کي تمام گهڻي موٽ ملي. هن چيو ته پاڪستان اسرائيلي وزيراعظم جي خطاب جو بائيڪاٽ ڪيو. سندس چوڻ هو ته اسرائيلي وزيراعظم جي خطاب وقت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو حال خالي ٿي چڪو هو. عطا تارڙ چيو ته فلسطيني صدر محمود عباس فلسطين ڪاز لاءِ  پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي هاڪاري انداز سان اڳتي وڌي رهي آهي،  پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن جي پاسپورٽ تي لکيل آهي ته  پاسپورٽ اسرائيل کانسواءِ سمورن ملڪن لاءِ ڪارائتو اهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي ۽ شرح  6 ڏهائي 9 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي. عطا تارڙ چيو ته  عالمي بئنڪ پاڪستان جي معاشي پاليسي جي حمايت ڪئي آهي، ترڪ صدر به چيو ته پاڪستان جي معيشيت بهتر ٿي  آهي. هن چيو ته دنيا جا ملڪ  پاڪستان جي معاشي پاليسي تي تعريف ڪرڻ تي مجبور آهن. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي،  ڪي پي جي وڏي وزير کي انقلاب آڻڻو آهي ته  تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ آندو وڃي. عطا تارڙ چيو ته ملڪي معيشيت ۾ بهتري کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سرڪاري وسيلا استعمال ڪري وفاق تي لشڪر ڪشي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون