پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ۾ 150هين پي ايم اي لانگ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ

- Advertisement -
پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ مختلف تربيتي ڪورسز مڪمل ڪندڙ ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾  150 هين پي ايم اي لانگ ڪورس جي ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي، جنهن ۾ 69 هين انٽيگريٽڊ ڪورس، 24 هين ليڊي ڪيڊٽ ڪورس ۽ 36 هين ٽيڪنيڪل گريجوئيٽ ڪورس جا ڪيڊيٽس پاس آئوٽ ٿيا. آءِ ايس پي آر موجب، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا پاسنگ آئوٽ پريڊ جو خاص مهمان هو، جنرل ساحر شمشاد مرزا پريڊ جو جائزو ورتو ۽ ڪيڊيٽس کي ايوارڊ ڏنا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ملٽري اڪيڊمي مان عراق، مالديپ، سريلنڪا، نيپال، فلسطين ۽ سوڊان سميت ڪيترن ئي دوست ملڪن جي ڪيڊٽس به گريجويشن ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، سينيئر انڊر آفيسر عبدالله افضل کي اعزازي تلوار سان نوازيو ويو ۽ سينيئر انڊر آفيسر بابر الله امان کي صدارتي گولڊ ميڊل ڏنو ويو. پريڊ ۾ پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس پرجوش انداز ۾ ڊرل مهارت جو مظاهرو ڪيو. پاسنگ آئوٽ پريڊ کي ڏسڻ لاءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس جي گهرڀاتين به شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
35%
4.1m/s
16%
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون