- Advertisement -
اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ اڍائي سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
مرڪزي بئنڪ طرفان نئين مانيٽري پاليسي جاري ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح ۾ اڍائي سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي
اسٽيٽ بئنڪ موجب ناڻي پاليسي ڪميٽيءَ پنهنجي اجلاس ۾ پاليسي ريٽ کي 250 بيسز پوائٽ گهٽ ڪري 15 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
بيان ۾ چيو ويو ته مهانگائي اميدن کان وڌيڪ تيزيءَ سان گهٽ ٿي آهي ۽ آڪٽوبر ۾ پنهنجي هدف جي ويجهو پهچي چڪي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان جي نئين قرض پروگرام جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ غير يقيني واري ڪيفيت گهٽ ٿي ۽ تجويز ڪيل ٻاهرين رقم اچڻ جا امڪان وڌي ويا آهن.
مرڪزي بئنڪ ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ ڪيل سرويز ۾ ڪاروباري ادارن توڙي صارفين جي اعتماد ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پهرين چئن مهينن دوران ٽيڪس وصولي حدف کان گهٽ رهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب موجوده شرح سان معاشي استحڪام کي هٿي ۽ جٽادار بنياد تي معاشي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.- Advertisement -
