- Advertisement -
آمريڪي صدارتي چونڊن دوران رياست جارجيا ۾ 5 پولنگ بوٿ تي بم جون غير تصديق ٿيل ڌمڪيون وصول ٿيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب جارجيا ۾ 5 پولنگ بوٿ تي بم جي غير تصديق ٿيل ڌمڪيون موصول ٿيون جنهن سبب ٻن هنڌن ووٽرن جي واپسي سبب ووٽنگ جي عمل ۾ دير ٿي.
ٻئي طرف واشنگٽن مان هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو جنهن کان فليئر گن هٿ ڪرڻ جي تحقيق شروع ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن پنسلوينيا جي ڪيمبريا ڪائونٽي ۾ ووٽنگ دوران اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم ۾ ٽيڪنيڪي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو.
سافٽ ويئر ووٽنگ اسڪينرز کي متاثر ڪيو پر دير سبب ووٽنگ جي وقت ۾ واڌ ڪئي وئي.- Advertisement -
