تازه ترين

سکر پوليس 6 مهينن دوران 96 پوليس مقابلن ۾ 5 ڌاڙيل مارڻ، 32 ڦورو زخمي

- Advertisement -
سکر پوليس 6 مهينن دوران 96 پوليس مقابلن ۾ 5 ڌاڙيل مارڻ، 32 ڦورو زخمي، 88 ڦورو گرفتار ۽ ڪچي ۾ آپريشن دوران 33 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سکر پوليس طرفان ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ 6 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سکر پوليس 6 مهينن دوران 96 پوليس مقابلا ڪيا، جن ۾ 05 ڌاڙيل مارجي ويا، 32 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ سميت 120 ڦورو گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته ڪچي ۾ جاري آپريشن دوران 33 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سکر پوليس موجب 6 مهينن دوران ڪيسن ۾ ملوث 554 گهربل ڏوهاري ۽ 1144 روپوش ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 7 چوري ٿيل ڪارون، 129 موٽرسائيڪلن سميت 50 کان وڌيڪ موبائيل فون هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪيا ويا. جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سکر پوليس پاران غير قانوني هٿيارن خلاف مهم دوران 06 شارٽ گن، 75 پستول، 1 رائفل ۽ 185 رائونڊ هٿ ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب منشيات فروشن ۽ جوارين خلاف جاري ڪاررواين ۾ 6 مهينن دوران 456 جوارين ۽ سوين منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 264 ڪلو گرام چرس، 645 شراب جون بوتلون، گٽڪو ۽ پان پراگ، ڏيڍ لک ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ چيو ته سکر پوليس مستقبل ۾ به پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رکيون وينديون..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
63 %
3.1kmh
7 %
آچر
27 °
سُومر
33 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون