اسرائيلي فوج لبنان تي وڏو حملو ڪري ڇڏيو، 24 ڪلاڪن ۾ 145 کان وڌيڪ هنڌن تي بمباري جي نتيجي ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي رپورٽن موجب آچر تي اسرائيلي فوج لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۽ ٻين شهرن ۾ رهائشي عمارتن، گرجا گهرن ۽ طبي مرڪز کي نشانو بڻايو.
رپروٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هڪ شامي فوجي ۽ حزب الله جي ميڊيا ترجمان محمد عفيف سميت 60 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا.
لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جوابي ڪارروائي ڪندي اتر اسرائيل ۾ راڪيٽ حملي ڪيا، جنهن سان ڪيترن ئي رهائشي عمارتن کي نقصان رسيو.
ٻئي طرف اسرائيلي فوج جي عزا تي حملن ۾ به اضافو ٿي ويو، بيت لاحيح، نصيرات ۽ بُريج پناهگير ڪئمپن تي وحشياڻي بمباري ڪئي، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.
هوڏانهن غزا ۾ حماس اسرائيلي فوج تي جوابي وار ڪندي 2 اسرائيلي فوجين کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ سخت زخمي ٿي پيو، ڪيترائي اسرائيلي ٽينڪ به تباهه ڪيا ويا.
اسرائيلي فوج لبنان تي وڏو حملو ڪري ڇڏيو،145 کان وڌيڪ هنڌن تي بمباري، 60 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.5
°
C
19.5
°
19.5
°
14%
2.5m/s
0%
اربع
18
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


