- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ جڊيشل ڪميشن پاڪستان جو اجلاس 6 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.
چيف جسٽس طرفان 6 ڊسمبر تي طلب ڪيل جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ سنڌ هائيڪورٽ ۽ پشاور هائيڪورٽ ۾ ججن جي مقرري جا معاملا غور هيٺ ايندا.
26هين آئيني ترميم جي منظوري ۽ ان تحت جڊيشل ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ بعد چيف جسٽس جڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس 5 نومبر تي طلب ڪيو هو.
جڊيشل ڪميشن جي پهرين اجلاس ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بئنچ قائم ڪئي وئي هئي
جسٽس امين الدين جي مقرريءَ جي حمايت ۾ ٻارهن رڪني ڪميشن جي ستن ميمبرن حمايت ۽ پنجن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو هو.- Advertisement -
