- Advertisement -
خيرپور جي بس ٽرمينل تي دڪان ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ھڪ نينگر فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.
بس ٽرمينل تي دڪان ۾ ويلڊنگ وارو گئس ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ورھين جو پورھيت عديل بگٽي سڙي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 2 پورھيت سلمان ۽ غلام اڪبر ڪٽوھر سخت زخمي ٿي پيا.
فوتي جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج جاري آھي.- Advertisement -
