تازه ترين

پي ٽي آءِ اندروني ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، ڪيرائي اڳواڻ احتجاج ۾ شريڪ ئي نه ٿيا: عطا تارڙ

- Advertisement -
وفاقي وزيرن عطا تارڙ ۽ احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ اندروني ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، ڪيرائي اڳواڻ احتجاج ۾ شريڪ ئي نه ٿيا، اسلام آباد هائيڪورٽ جو حڪم هو ته ڪنهن به قسم جو احتجاج نه ٿيندو، ان باوجود سنگجاني ۾ احتجاج ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر پي ٽي آءِ وارا راضي نه ٿيا، ان ڪري ڪارروائي. اسلام آباد ۾ ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير عطا تارڙ سان گڏ پرڏيهي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته شرپسند اسلام آباد ۾ امن خراب ڪرڻ چاهن ٿا، پرڏيهي مهمان ٻن ڏينهن کان ريڊ زون ۾ هئا. هن چيو ته شرپسندن وٽ جديد هٿيار هئا، اسلام آباد هائيڪورٽ جو حڪم هو ته ڪنهن به قسم جو احتجاج نه ٿيندو، شرپسندن ريڊ زون جي ڀڃڪڙي ڪري تباهي مچائڻ جي ڪوشش ڪئي. عطا تارڙ چيو ته هنن پي ٽي آءِ کي سنگجاني ۾ احتجاج ڪرڻ جي آڇ ڪئي جتي پرامن طريقي سان احتجاج ٿي پئي سگهيو، پر پي ٽي آءِ وارن جو پرامن احتجاج ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه هو. سڌ سماءِ واري وفاقي وزير چيو ته ٻه ڏينهن اڳ فوٽيج جاري ڪيا ويا جنهن ۾ پيشيور ماڻهن کي فائرنگ، هٿيارن، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ پيلٽ گنز جو استعمال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. عطا تارڙ چيو ته شرپسندن جي حملي سان رينجرز ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، سڪيورٽي فورسز اسلام آباد ۾ امن قائم ڪيو، سوشل ميڊيا ڪوڙيون خبرون هلايون ويون، ٻڌايو ويو ته رينجرز جي جوانن کي پنهنجن ماڻهن شهيد ڪيو آهي، هي اسلام آباد جو امن خراب ڪرڻ چاهن پيا. وفاقي وزير چيو ته هنن 37 افغان شرپسندن کي گرفتار ڪيو، افغانستان دوست ملڪ آهي، پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته افغان شهري اسلام آباد ۾ سياسي پارٽيءَ جي احتجاج ۾ ڇا ڪري رهيا هئا؟ عطا تارڙ چيو ته ڪي پي ۾ هن وقت دهشتگردي جي لهر جاري آهي ۽ وڏي وزير کي اتي امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، ڪرم ۾ 50 لاش ڪريا ۽ هي اسلام آباد جي گهيرو ڪري رهيا هئا. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جو ذميوار رڳو هڪ شخص آهي، جيڪو تشدد کي هٿي پيو ڏي، هيءَ اها ئي پارٽيءَ آهي جنهن مذهب کي استعمال ڪيو، سعودي عرب خلاف بيان ڏيڻ جو مقصد ڇا هو؟ ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته پرتشدد احتجاج بابت پي ٽي آءِ جو ٽريڪ رڪارڊ آهي، پي ٽي آءِ وارن پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي تشدد ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي سياسي انتقام جو نشانو نه پيو بڻايو وڃي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪيو، پر تشدد احتجاج لاءِ ڪي پي جا وسيلا استعمال ڪيا ويا، هڪ سياسي پارٽيءَ وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ وڳوڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
12 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
36 %
1.9kmh
1 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون