- Advertisement -
اسلام آباد ۾ وڳوڙين کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ هٿياربند ٽولن ذريعي وفاق تي حملو ڪيو آهي، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ افسوس جوڳا واقعا ٿي رهيا آهن، ملڪ دشمن پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، بلوچستان ۾ دهشتگردن کي پرڏيهه مان فنڊنگ ٿي رهي آهي، ميثاق جمهوريت کانپوءِ ميثاق معيشيت جو وقت اچي ويو آهي، ملڪ کي تبديل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کيس ڌرڻي دوران احتجاج ڪندڙن طرفان سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائن ۽ پوليس توڙي رينجرز اهلڪارن تي حملن بابت بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس دوران اسلام آباد ۾ وڳوڙين کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
شهبازشريف جو چوڻ هو ته قانوني رستو اختيار ڪرڻ بدران بار بار اسلام آباد تي ڪاهه ڪري ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
هن چيو ته ڏڦيڙي ٽولي سڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪيو، هي ڪهڙا انقلابي آهن جو ملڪ جي تباهي ۽ ڏڦيڙ جي ڪوشش پيا ڪن؟
وزيراعظم چيو ته اسلام آباد تي ڪاهه ڪندڙ شر پسند ٽولي خلاف فوري طور قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
شهبازشريف چيو ته شرپسند ٽولو ڇڙوڇڙ ٿيڻ سان اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک پوائنٽن جي سطح پار ڪري وئي.
هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي.
وزيراعظم چيو ته شرپسندن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ اينٽي رِئوٽس فورس قائم ڪئي وڃي.- Advertisement -
