تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت صوبي جي بجلي جي بنيادي اسٽرڪچر ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي:سيد ناصر شاهه

- Advertisement -
توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي بجلي جي بنيادي اسٽرڪچر ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي، هڪ جامع قابل تجديد توانائي پروگرام جو اعلان ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد لکين شهرين کي سستي بجلي جا حل فراهم ڪرڻ آهي. توانائي واري وزير ناصر شاهه دي نالج فورم ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي آف انرجي اينڊ ٽيڪنالاجي پاران منعقد ڪيل انرجي ڊائلاگ دوران حڪومتي قدم جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته سنڌ جي متبادل توانائي پروگرام ۾ صوبي جي توانائي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي نوان طريقا شامل آهن. هن چيو ته هن قدم جو بنياد 2 لک سولر پيڪيجز کي گهٽ استعمال ڪندڙ گهرن ۾ ورهائڻ آهي جنهن سان ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي علائقن ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو پهچڻ جي اميد آهي. انهن پيڪيجز ۾ ٻُڙي کان 100 يونٽ بجلي جي استعمال وارن صارفين لاءِ شمسي پينل، بيٽريون، پنکھا ۽ بلب شامل آهن. ناصر شاهه چيو ته حڪومت هڪ ئي وقت ڪيترن ئي متبادل توانائي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن ۾ سولر، ونڊ ۽ هائبرڊ پاور منصوبن سميت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي ترقي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٿر ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي ۽ ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ڊائريڪٽر متبادل توانائي گورنمينٽ آف ونڊ محفوظ قاضي 400 ميگاواٽ سولر پارڪ جي ترقي کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ گرڊ انٽيگريشن ٻن سالن ۾ متوقع آهي. ناصر شاهه چيو ته سنڌ توانائي جو حب آهي جيڪا شمسي، ونڊ، ائٽمي ۽ ڪوئلي ذريعي بجلي پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوامي شعبي ۾ توانائي جي منتقلي ۾ اڳڀرائي ڪري رهي آهي جيئن سرڪاري عمارتن کي سولر ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ مرحلي ۾ سرڪاري اسپتالن ۽ اسڪولن کي سولر ڪيو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
12 %
2.6kmh
97 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون