- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي 17 هين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته بينظير ڀٽو جي زندگي جرئت، استقامت ۽ عوام لاءِ اميد جي علامت هئي، شهيد راڻي مظلوم ۽ پٺتي پيل طبقي لاءِ اميد جي لاٽ هئي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته شهيد ڀٽو جيان محترمه بينظير ڀٽو به عوامي طاقت تي يقين رکندي هئي، شهيد راڻي مزدورن، هارين ۽ پٺتي پيل طبقي کي ترقي جو بنياد سمجهندي هئي، هو بينظير ڀٽو جي ميراث کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿا.
هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد ۽ زندگي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن سان جڙيل هئي، هوءَ نه رڳو سياسي شخصيت هئي پر مظلوم ۽ پٺتي پيل طبقن لاءِ اميد هئي.
سندس چوڻ هو ته شهيد بينظير جو پنهنجي پيءُ جي برابري ۽ خوشحال پاڪستان جي ويزن لاءِ غير متزلزل عزم اسان سڀني لاءِ الهام آهي، هن مفاهمت، مشاورت ۽ مختلف نقطه نظر کي سمجهڻ جي فلسفي جديد ۽ روشن پاڪستان جو بنياد وڌو.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورثي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن، بي بي شهيد اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو، جتي هر شهري کي برابري جا موقعا ۽ وسيلن تائين پهچ هجي.
پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته هو دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ پاڪستان جي استحڪام لاءِ خطرو بڻجندڙ هر قوت خلاف جدوجهد جاري رکندا……………- Advertisement -
