- Advertisement -
وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار کي منصوبن لاءِ رقم مڪمل ۽ وقت تي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران سنڌ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ شامل ترقياتي منصوبن جو تفصلي جائزو ورتو ويو.
گڏجاڻي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته منصوبا منظور ٿيل لاڳت ۽ مقرر وقت تي مڪمل ٿيڻ سنڌ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ اڻٽر آهي.
نائب وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سمورن منظور ٿيل منصوبن لاءِ فنڊن جي مڪمل ۽ وقت سر فراهمي يقيني بڻائيندي.
اسحاق ڊار چيو ته منصوبن جي لاڳت ۾ ڪنهن به اضافي تي سي ڊي ڊبليو پي ۽ اي سي سي ۾ فوري طور غور ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.- Advertisement -
