- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ طرفان اڄ به گوڙ ڪري هل هنگامو ڪيو ويو.
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس شروع ٿيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ لاءِ اسپيڪر کي درخواست ڪئي، جنهن تي اياز صادق انڪاري ڪري ڇڏيو.
ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاج شروع ڪري نعريبازي ڪئي ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.
اسپيڪر اياز صادق چيو ته هائوس بزنس ايڊوائزري ۾ طئه ٿيو ته اعتراض وارو نقطو سوالن جوابن دوران نه ٿيندو.
مخالف ڌر جي گوڙ ۽ هل هنگامي دوران سوالن جوابن جو وقفو جاري رهيو.
گهرو وزارت جي سوالن جا جواب نه اچڻ تي اسپيڪر ڪاوڙ جو اظهار ڪيو……….- Advertisement -
