ڀارت جي جمهوريت جي ڏهاڙي تي لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن.
هر سال ڪشميري ڀارت جي جمهوريت جي ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا آهن، والاريل ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال آهي.
آزاد ڪشمير ۾ جي گادي واري شهر ۾ برهان واسي چوڪ تي ڪشميرين طرفان ڪارا جهنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڀارت خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
اسلام آباد ۾ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق شرڪت ڪئي.
ريلي کي خطاب ڪندي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو ته ڀارت جي دهشتگردي آمريڪا ۽ ڪئنيڊا تائين پهچي چڪي آهي، گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ڪشميرين کي خود ارايت جو حق ڏيڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ ڪشميرين وچ ۾ ازلي رشتو آهي.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو ته هو ڪشميرين جي ڀرپور حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهن، ڪشميري ڀارت کان آزادي حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندا..
ڀارت جي جمهوريت جي ڏهاڙي تي لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9
°
C
10.9
°
10.9
°
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


