- Advertisement -
سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار خلاف شوڪاز نوٽيس واپس وٺي پروسيجر ۽ ججز ڪميٽي جي اختيارن جو معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.
جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذر عباس خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
جسٽس منصور علي شاهه ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل ڄاڻي واڻي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، ان لاءِ نذر عباس خلاف توهين عدالت جو نوٽيس واپس ورتو وڃي ٿو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ججز ڪميٽي ۽ آئيني ڪميٽي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي، عدالت ڪميٽين جي اختيار تي فل ڪورٽ جوڙڻ لاءِ فائل چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس کي هن معاملي تي هڪ فل ڪورٽ جوڙڻ گهرجي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۽ ججز آئيني ڪميٽي عدالتي حڪم کي نظرانداز ڪيو.
جسٽس منصور علي شاهه فيصلي ۾ لکيو ته عدالتي وقار کي نظر ۾ رکندي توهين عدالت جو نوٽيس ڪميٽين کي نه ڪري رهيا آهن، اهو اهم معاملو آهي، چيف جسٽس هميشه لاءِ ان کي طئي ڪرڻ لاءِ فل ڪورٽ جوڙي.
سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار جوڊيشل نذر عباس خلاف شوڪاز نوٽيس جي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي.- Advertisement -
