- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جنهن ڏينهن حمايت ختم ٿي ته حڪومت ڪري پوندي، ڳالهين ذريعي سياسي حل تي يقين رکن ٿا، پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهين کان اڳ مخالف ڌر کي اعتماد ۾ نه ورتو.
گوجرانولا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده حڪومت کي جن آندو اهي ئي هلائي رهيا آهن.
هن چيو ته هو سياسي ڪارڪنن آهي، ڳالهين ذريعي سياسي حل تي يقين رکن ٿا، تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهين کان اڳ مخالف ڌر کي اعتماد ۾ نه ورتو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جا جيڪي ماڻهو وٽس ايندا آهن انهن جو اهو ئي موقف هوندو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي آيا آهن، جيڪڏهن انهن جو ڪو ماڻهو سندن خلاف ڳالهيون پيو ڪري ته باني کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪي پي ۾ حڪومت جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، اتي هٿياربند ٽولن جو راڄ آهي ۽ بلوچستان جي صورتحال به ڳڻتي جوڳي آهي.
هن چيو ته ڪي پي ۾ جيڪي حالتون آهن پنجاب ۾ ان جو ڪنهن کي احساس ناهي، بلوچستان جي صورتحال کي رياستي سطح تي سنجيدگي سان ڏٺو وڃي.
سندس چوڻ هو ته پيڪا ايڪٽ تي صحافين سان ڳالهيون ٿيون آهن، سندن ڳالهه ۾ وزن آهي، تڪراري ايڪٽ تي صحافين کان تجويز وٺڻ گهرجي ها.
مولانا فضل الرحمان چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته 15 مهينن تائين اسرائيل ۽ يهودي طاقتن غزا ۽ فلسطين جي مسلمانن تي ظلم ڪيو، جنگ بندي جي معاهدي ۾ فلسطين کي ڪاميابي ملي آهي، فلسطينين جي قرباني ضايع نه ٿيندي.- Advertisement -
