- Advertisement -
ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون.
آءِ ايس پي آر موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ٻي ڪارروائي اتر وزيرستان جي مختلف علائقن ۾ ڪئي، جتي 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.- Advertisement -
