- Advertisement -
حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ رپيا في لٽر واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 7 رپيا في لٽر وڌائي ويئي آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 257 رپيا 13 پيسا في لٽر مقرر ڪئي ويئي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 267 رپيا 95 پيسا مقرر ڪئي ويئي آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
